چند لائيڪن ۽ شيئرن جي بدلي، اچو اسان جا چھرا وٺو!
دنيا جي تاريخ ۾ ڪجهہ دور اهڙا بہ ايندا آهن، جڏهن انسان کي لڳندو آهي تہ هو رڳو کل ڀوڳ ۽ حوالي ٺڪاءَ ڪري رهيو آهي، پر حقيقت ۾ هو پنھنجي آئيندي جا دروازا ڪنھن اڻڄاتل قوت لاءِ کوليندو پڻ ويندو آھي.…
بنيادي نڪتو
دنيا جي تاريخ ۾ ڪجهہ دور اهڙا بہ ايندا آهن، جڏهن انسان کي لڳندو آهي تہ هو رڳو کل ڀوڳ ۽ حوالي ٺڪاءَ ڪري رهيو آهي، پر حقيقت ۾ هو پنھنجي آئيندي جا دروازا…
دنيا جي تاريخ ۾ ڪجهہ دور اهڙا بہ ايندا آهن، جڏهن انسان کي لڳندو آهي تہ هو رڳو کل ڀوڳ ۽ حوالي ٺڪاءَ ڪري رهيو آهي، پر حقيقت ۾ هو پنھنجي آئيندي جا دروازا ڪنھن اڻڄاتل قوت لاءِ کوليندو پڻ ويندو آھي. اڄ مصنوعي ذهانت جي نالي تي جيڪو پوري دنيا ۾ ھرھڪ کي وائڙو ڪندڙ ھڪ ڏيھان ڏيھي (عالمي) شغل هلي رهيو آهي، اهو بہ شايد ھڪ اهڙو ئي هڪ دور آهي.
فيس بڪ، انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين اھڙي قسم جي سوشل ميڊيائي پليٽفارمن تي لکين ماڻهو پنھنجون تصويرون مصنوعي ذھانت جي برقي اوزارن جي حوالي ڪري رهيا آهن. جن ۾ ڪو پنھنجي پاڻ کي ڪنھن تاريخي بادشاھ جي روپ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو، ڪو خوبن جي دنيا جو ھيرو بڻجڻ چاهي ٿو، ڪو وري مختلف چھرن سان اپسرائي ڪردار تہ ڪو وري افلاطوني، سقراطي قسم جو فلسفي يا ڪنھن فلمي اسٽار جھڙو ڏيک ڏيندڙ پيو ڏيکاري. اوھان ڪو بہ سماجي نيٽورڪ کوليو تہ اوھان کي خيالي تصويرن جا انبار ملندا، جن کي گهوري ڏسڻ سان لڳندو تہ ھي تہ ڦلاڻو آھي پر ھينئن ڪيئن؟ اھي اسان جا سماجي نيٽورڪ ھڪ خيالي دنيا جي خيالي ماڻهن لاءِ عجيب قسم جي مسخرين سان ڀريل کل ڀوڳ واري مصنوعي ماحول ۾ ھڪ ڇسي وندر لڳا پيا آھن.
ھن مھل مون کي مھدي حسن صاحب جو ھڪ فلمي گيت پيو ياد اچي تہ: ”جب بھی چاہیں اک نئی صورت بنا لیتے ہیں لوگ، ایک چہرے پر کئی چہرے سجا لیتے ہیں لوگ۔” ھي فلمي گيت آھي تہ اصل ۾ انساني منافقت جي پس منظر ۾ پر ھاڻي اھا تجريد ۾ منافقت ھڪ نئين شغل جي شڪل ۾ فيس بڪ تي عام ٿي ملي. سچ تہ اھو آھي جو شايد انساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو، سندي پاڻ جي چھرن جا انيڪ روپ ڏيندي اسان جا اڄاڻ ماڻهو پنھنجي سڃاڻپ جا سڀ کان حساس تفصيل پنھنجي خوشيءَ ۽ رضامنديءَ سان مشينن حوالي ڪري رهيا آهن.
سماجي ۽ نفسياتي عالم چون ٿا تہ انسان هزارين سالن کان پنھنجي جسم، پنھنجي چھري ۽ پنھنجي سڃاڻپ جي حفاظت ڪندو رهيو. قديم دور ۾ بادشاھ پنھنجا نقشا لڪائيندا هئا، اوھان فلمن ۾ ناھيو ڏسندا تہ جاسوس ڪنھن جي تصوير حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجيون زندگيون خطري ۾ وجهندا هئا، لڪيل ادارا ماڻهن جي ھٿن جون پرنٽون حاصل ڪرڻ لاءِ ڳجهيون مھمون هلائيندا هئا. پر اڄ جو ھي جديد دور جي ڊجيٽل دنيا جو اياڻو، ويڳاڻو ۽ سچ ۾ ويچارو انسان پنھنجي چھري جا سوين پاسا، پنھنجي اکين جا سوين ڦوٽو، پنھنجي مرڪڻ جا انداز، پنھنجي چهري جي حرڪتن جا نقشا پنھنجو پاڻ مصنوعي ذھانتن جي ڊيٽا سينٽرن تي اپلوڊ ڪري رهيو آهي، ۽ وڏي مسخري اھا آھي تہ ھُو ان تي بہ خوش آهي تہ مزي ۾ بہ آھي. ھو پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجي ذات جا ٺيٺ ذاتي پاسا وڪامڻ لاءِ رکي رھيو آھي!
ڏسو نہ تہ اڄ جي دور جو ھي اياڻو ماڻهو پنھنجون تصويرون اپلوڊ ڪندي اھو سمجهي ٿو تہ: ”مان تہ رڳو هڪ خوبصورت تصوير مصنوعي ذھانت کان ٺھرائي رهيو آهيان.“ پر اي منھنجا اياڻ دوستو! حقيقت اوھان جي ان خيال کان تمام گهڻي ڀيانڪ آهي.
ياد رکي ڇڏيو تہ مصنوعي ذھانت لاءِ اوھان جو چھرو رڳو ھڪ تصوير ناهي. پر اهو هڪ مڪمل “بايوميٽرڪ دستاويز“ آهي، جيڪو پوري دنيا ۾ انتھائي نرالو آھي. جيڪو صرف ۽ صرف اوھان جو ئي آھي، ھي هڪ اهڙو ڊجيٽل تاڃي پيٽو آھي، جنھن مان آئيندي جون بيحس ۽ ظالم مشينون اوهان کي اوهان کان وڌيڪ سڃاڻي سگهنديون. ياد رکو تہ مشيني ذھانت اوھان جي ھن قسم جي حرڪتن مان اوهان جي عمر، جذبا، عادتون، نسل، نفسياتي لاڙا، اوھان جي صحت مطلب اوھان جو سڀ ڪجهہ اھا اڀاڳي مصنوعي ذھانت آهستي آهستي پڙهڻ سکي رهي آهي.
ڇا اوھان ڄاڻو تہ اڄ دنيا ۾ هڪ پيٽروليم جيان نئون ”تيل“ نڪري رهيو آهي، يعني ”انساني ڊيٽا.“ ۽ ان ڊيٽا جي سڀ کان قيمتي شيءِ خود اوھان جو چھرو آهي. شايد ايندڙ ڪجهہ ئي ڏهاڪن ۾ دنيا جي سڀ کان طاقتور ڪمپنيون اهي نہ هونديون، جن وٽ سون، پلاٽينم يا تيل هوندو، پر اهي ڪمپنيون هونديون جن وٽ اربين انسانن جا چھرا، آواز ۽ نفسياتي لاڙا سندن ڊيٽا سينٽرن (servers) ۾ محفوظ هوندا.
ڀلا ھڪ پل سوچڻ ۾ ڇاھي، تہ جڏهن مصنوعي ذھانت جي ھڪ ڪمپني وٽ اوهان جي مختلف عمرين جون تصويرون، اوھان جي مختلف احساسن ۾ اوھان جي چھري جا خدو خال، اوھان جي جسم جا مختلف پاسا، روشنيءَ يا ھلڪي اونداھيءَ ۾ نڪتل مختلف ڦوٽو، ۽ اوھان جي مھانڊي جا مختلف پوز موجود هوندا تہ اها ڪمپني اوهان جو اهڙو تہ ڊجيٽل نقل (ڪلون) ٺاهي سگهندي، جيڪو شايد پاڻ اوهان کان وڌيڪ ”اوهان جھڙو“ لڳي. ۽ ھتي ڀلجي بہ اھو نہ سوچجو تہ اهو رڳو ھڪ خام خيال يا اجايو تصور آهي.
نہ ٿا ڏسو تہ پوري دنيا اڳ ئي سچ نظر ايندڙ ھڪ ڪُوڙ (Deep fake) جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي.
هاڻي اھڙا اهڙا وڊيو تيار ٿي رهيا آهن، جن ۾ ماڻهو اهي ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا، جيڪي هنن ڪڏهن ڪيون ئي ناهن. اهڙا سياسي بيان، اهڙا اسڪينڊل، اهڙا ڪُوڙا اعتراف، جيڪي حقيقت ۾ ھوندا ئي ناهن، پر لکين ماڻهو انهن کي سچ سمجهي ويھن ٿا.
انتھائي اھم ڳالهہ تہ ھاڻي ھن دور جو سڀ کان وڏو خطرو اهو آهي تہ هاڻي ڪُوڙ کي بہ ”مُنھن“ ملي ويو آهي.
اڳي ڪوڙ لفظن ۾ هوندو هئو، هاڻي اھو تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ملي رھيو آھي. انيڪ چھرن جي صورتن ۾، انيڪ ماحولن ۽ سئو سيڪڙو نقلي احساسن جي شڪل، ڪُوڙ وڪامي رھيو آھي.
۽ جڏهن دنيا اهڙي واٽ تي پھچي وڃي، جتي ماڻهو پنھنجي اکين تي بہ يقين نہ ڪري سگهن، تڏهن سماج جو اخلاقي ڍانچو ڌُٻڻ ۾ گهرندو ويندو آهي.
پر ھتي تہ مسئلو ھاڻي ڪُوڙين وڊيوز جو ئي ناهي رھيو. ٿورو تصور ڪريو، هڪ اهڙي دنيا جو، جتي هر هنڌ ڪيمرائون لڳل هجن، هر بازار جي ھر ھڪ دڪان، گهر، آفيس، مصنوعي ذھانتجي ڪنھن ماڊل سان سان ڳنڍيل هجي، هر ايئرپورٽ اوهان کي اوھان جي چھري، اوھان جي اکين جي ماڻڪين مان سڃاڻي، هر اشتھار اوهان جي نفسياتي لاڙن موجب پاڻ کي بدلائي ۽ حڪومتي ادارن وٽ اوھان جي حرڪتن جو ”جيئرو، جيئن آھيو ائين ئي“ يعني لائيوِ ڊيٽا موجود هجي!
اوھان ڇا ٿا سمجهو تہ مان اوھان کي ھيءَ ڪنھن ڪنھن سائنس فڪشن فلم جي اسٽوري ٻڌائي رھيو آھيان؟
ڇا اوھان کي واقعي بہ اڃا اھو لڳي رھيو آھي تہ اھڙو ڪجهہ ناھي؟ پر منھنجا دوستو! دنيا انتھائي تيزيءَ سان ان ئي طرف وڌي رهي آهي.
چين جھڙا ملڪ اڳ ئي جديد ترين گاڏين کان ويندي عام زندگيءَ جي شين تائين ”چھرن سڃاڻ واري ڊجيٽل نظام“ کي وسيع سطح تي استعمال ڪري رهيا آهن. مغربي دنيا ۾ تہ ”ڪئمرا جي اک اوھان لي ڏسي رھي آھي“ واري نظام تي شديد بحث جاري آهي. وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين تي الزام لڳن ٿا تہ اهي انسانن کي ”مصنوعات“ ۾ تبديل ڪري رهيون آهن.
پر ان سڄي ھڻ ھڻان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکائتي ڳالهہ هيءَ آهي تہ ھن دور جا نام نھاد شعوري انسان پاڻ هن ڀيانڪ سرشتي ۾ پنھنجي رضا خوشيءَ سان سلهاڙجي رهيا آهن. اوھان پاڻ ئي ڏسو تہ ڪيئن نہ اھي پنھنجا چھرا ”خام مال“ طور ڏئي رهيا آهن، اھي جديد نہ پر ”اک ۾ رکڻ واري نظامن لاءِ“ پنھنجا آواز ڏئي رهيا آهن، پنھنجون عادتون ٻڌائي رهيا آهن! ۽ اڻ ملهہ ان ڊيٽا جي بدلي ۾ پوءِ چند ”لائيڪس“ ۽ ”ڪمينٽس“ تي خوش ٿي رهيا آهن!
اسان تہ اھو ڪافي دير کان ڏسي رھيا آھيون تہ اڄ جي نوجوان نسل لاءِ وائرل ٿيڻ شايد ”محفوظ رهڻ” کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي.
تصويرن کي ايڊٽ ڪرڻ وارن مصنوعي ذھانت جي فلٽرن ۽ ان جي نتيجي ۾ ملندڙ نقلي ۽ ڪُوڙي خوبصورتيءَ جي هن دور ۾ ماڻهو آهستي آهستي پنھنجي اصل چھري کان بہ بيزار ٿيندا پيا وڃن. ھتي هر ڪو ھاڻي هڪ ھالي ووڊ جي ڊائريڪٽر ميل گبسن يا وري بالي ووڊ جي عامر خان جيان پرفيڪٽ ٿيڻ ۾ لڳو پيو آھي، پر افسوس جو افعالن سان نہ پر ھر ڪو ”ڊجيٽل وجود“ سان، ڪُوڙين شناختن ۾ ڪُوڙو وجود ٺاهڻ چاهي ٿو. هڪ اهڙي چھري ۾ جيڪو حقيقت کان وڌيڪ خوبصورت، وڌيڪ متاثر ڪندڙ، ٻين جو وڌيڪ ڌيان ڇڪيندڙ هجي.
مٿيون عمل رڳو پاڻ تائين ھجي تہ بہ ٺھيو پر ھي تہ ھڪ نفسياتي بحران بہ پيدا ڪري رهيو آهي. ماڻهو پنھنجي حقيقي زندگيءَ بدران، مصنوعي ذھانت پاران ٺاھيل پنھنجي ڦوٽوءَ سان عشق ڪرڻ لڳا آهن.
ان روش کي ڏسندي اسان کي تہ ھاڻي اھو لڳندو آھي تہ شايد مستقبل ۾ سڀ کان وڏو سوال اهو نہ هوندو تہ: ”مصنوعي ذھانت ڇا ڪري سگهي ٿي؟“ پر اهو هوندو: ”انسان پنھنجي باري ۾ ڪيترو ڪجهہ مصنوعي ذھانت جي حوالي ڪري چڪو هوندو؟“
ھن وقت جي سماجي تاريخ شاهد آهي تہ هر نئين ٽيڪنالاجيءَ انسان کي فائدو بہ ڏنو آهي ۽ نقصان بہ. انٽرنيٽ علم جو انقلاب ضرور آندو آھي پر ساڳئي وقت ”ڪُوڙي ڄاڻ“ بہ وڌائي رھي آھي. سوشل ميڊيا ماڻهن کي ڳنڍيو ضرور آھي پر ماڻهن کي شديد ترين ذهني اڪيلائي بہ ڏني آھي. هاڻي مصنوعي ذھانت تعليم، صحت، ٻولين، ثقافت ۽ تحقيق جي ميدان ۾ اسان کي نوان ڊجيٽل معجزا ڏئي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن رياستي قانونن، سماجي قدرن، اخلاقيات ۽ شعور ساڳي رفتار سان ترقي نہ ڪئي تہ شايد مصنوعي ذھانت جي هن چڪا چوند ڪندڙ چمڪندڙ دنيا ۾ انسان پنھنجي سڀ کان قيمتي شيءِ وڃائي ويھندو: يعني ”پنھنجي ذاتي سڃاڻپ.“ ۽ شايد اسان جون ايندڙ نسلون انتھائي حيرانگيءَ ۾ اچي اسان بابت لکنديون: ”اسان جا وڏا ڪيڏا تہ اياڻا ۽ ڊجيٽل دنيا جا جاھل هئا! جن پنھنجن چھرن جي نيلامي پاڻ ڪئي!“ ۽ اھي ان عمل تي خوشي خوشي کلندا بہ رهيا، چند ”لائيڪن“، ”شيئرن“ ۽ ”ڪمينٽن“ جي!
FAQ
هن لکڻي جا اهم سوال
هي مضمون ڇا بابت آهي؟
دنيا جي تاريخ ۾ ڪجهہ دور اهڙا بہ ايندا آهن، جڏهن انسان کي لڳندو آهي تہ هو رڳو کل ڀوڳ ۽ حوالي ٺڪاءَ ڪري رهيو آهي، پر حقيقت ۾ هو پنھنجي آئيندي جا دروازا ڪنھن اڻڄاتل قوت لاءِ کوليندو پڻ ويندو آھي. اڄ مصنوعي ذهانت…
هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟
هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل بحث کي واضح ڪري ٿي.
هي مواد امر فياض جي فڪري ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟
هي مواد امر فياض جي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.