AMAR FAYAZ Language • Civilization • Artificial Intelligence

جنوري 10, 2026 · Sindhi · سنڌي ٻولي, لکڻيون

لوڪ ڏاھپ جا پرماري صنعتڪار ۽ اسان جا ادارا

ھيرڻ جو پن تيل سان سيڪي، سُڪي ڌڪ وٽ ٻڌي ڇڏبو ھئو، وري سور کي ڀڃڻ لاءِ ھيڊ جاڻ ۽ ڳڙ جي لُپري ٺاھي ٻڌبي آھي. لڳي جو ڪو ڪنڊو پير ۾ تہ بصر کي سيڪي ان سان ٻڌبو تہ ڪنڊو ٻاھر…

بنيادي نڪتو

ھيرڻ جو پن تيل سان سيڪي، سُڪي ڌڪ وٽ ٻڌي ڇڏبو ھئو، وري سور کي ڀڃڻ لاءِ ھيڊ جاڻ ۽ ڳڙ جي لُپري ٺاھي ٻڌبي آھي. لڳي جو ڪو ڪنڊو پير ۾ تہ بصر…

ھيرڻ جو پن تيل سان سيڪي، سُڪي ڌڪ وٽ ٻڌي ڇڏبو ھئو، وري سور کي ڀڃڻ لاءِ ھيڊ جاڻ ۽ ڳڙ جي لُپري ٺاھي ٻڌبي آھي. لڳي جو ڪو ڪنڊو پير ۾ تہ بصر کي سيڪي ان سان ٻڌبو تہ ڪنڊو ٻاھر نڪري ايندو آھي.  پيٽ ۾ ھانچو ٿئي يا اھو ھروڀرو وڏو ٿي وڃي تہ ٽوھ کي ڪٽي ان کي اگهاڙن پيرن سان لتاڙبو ھئو تہ ھانچو ختم ٿي ويندو ھئو.

ساڳي طرح سان وري اوئِن ٻوٽي کي گهوٽي ان ۾ سرنھن جو تيل ۽ ڳڙ ملائي لپري ٺاھي ھڻبي ھئي، سور ڄڻ ھئو ئي نہ! ڪو ڦٽ پراڻو ٿي گند ڪري وڃي تہ ٻُڪن کي گهوٽي ان کي زخم مٿان ٻڌبو ھئو تہ اھو ڦٽ صفا صاف ٿي ويندو ھئو!

ڪو ڪتو ڏاڙھي وجهندو ھئو تہ ڳاڙھو مرچ تيل ۾ ڀڄائي گرم ڪري چڪ واري جاءِ تي ٻڌي ڇڏبو ھئو. مزي جي ڳالهہ تہ پوءِ خير ٿي ويندو ھئو، اھڙي ئي نموني سان نانگ وڇونءَ جي زھر جا ترياق بہ انهن ئي جڙي ٻوٽين مان ڪڍيا ويندا ھئا.

اھڙيءَ ئي ريت ڳاڙھي مرچ، ڪيسوءَ جي گُلن، نازبوءِ جي پنن ۽ گُلن، آفيم جي ذري، ٽُوھ جي ٻجن، کبڙ جي پاڙن، نم جي نمورين ۽ پنن، ڪاسنيءَ جي پنن، ھريڙ، وڏڦ، سونفن ۽ انيڪ قسم جي جهنگلي ۽ جابلو ٻوٽين مان روايتي علاج ٿيندو رھيو آھي. اوھان ڀلي ان کي جھالت سمجهو پر اوھان جو منھن لھي ويندو آھي جڏھن اوھان ڏسندا آھيو ته مريض ٺيڪ ٺاڪ بہ ٿي ويندا آھن.

ان کان بہ مزي جي ڳالهہ تہ اھي سڀ نسخا ڪنھن بہ اسڪول يا مڪتب ۾ پاڙھيا نہ ويندا ھئا، پر صدين جي سفر سان اھي نسلن کان منتقل ٿيندا پئي آيا!

اھي لوڪ ڏاھپ وارا نسخا تہ اسان جي ڳوٺ ۾ عام جام ھلندا پئي آيا آھن، انهن مان ڪافي ٽوٽڪا خود مون مٿان الائي ڪيترا ڀيرا منھنجي امان استعمال ڪيا. پر افسوس جو اھا ھزارين سالن جي سيني در سيني لوڪ ڏاھپ، وڃي ٿي ختم ٿيندي! ٻولين جي مارو ماران ۾ اھي لفظ وڃن ٿا موڪلائيندا!

منھنجي من ۾ گهڻا ئي ڀيرا اھو خيال نسربو آھي تہ ڀلا پنھنجي سنڌ ۾ ڪا اھڙي پي ايڇ ڊي آھي جيڪا ھن لوڪ ڏاھپ تي ٿي ھجي؟ جنھن سان اھا ڏاھپ بہ محفوظ ٿي وڃي ۽ ان ڏاھپ جي اظھاري ٻولي بہ ھٿيڪي ٿي وڃي!

ڇوتہ اسان جي سنڌ ۾ پوکن ۾ ٻني ٻاريءَ اندر ڦٽندڙ گاھ جي شڪل ۾ ھڪ ول نالي ”ڀَتَر“ ٿئي. ان جو نباتاتي نالو (Launaea nudicaulis)  آھي. اسان جي ڳوٺن ۾ آيرويدڪ جيڪي علاج معالج ھلندا ھئا انهن ۾ اسان جا وڏڙا ھن ڀتر کي ڪٽي ان جي لپري ٺاھي ڦٽ ڦرڙيءَ تي ملي ٻڌي ڇڏيندا ھئا.

ڇا اڄ تائين انھن جڙي ٻوٽين کي تپاسيو ويو آھي تہ انھن ۾ آھي ڇا جن جي ڪري انھن جي جوھر ۾ ڪمال جا علاج لڪيا پيا آھن؟ ڪڏھن سوچيو اٿوَ تہ پوري دنيا ۾ اينٽي بايوٽڪ ختم ٿيندي پئي وڃي، اسان ننڍپڻ کان وڏي مقدار ۾ اھا استعمال ڪندي ڪندي ايترا تہ نود ٿي ويا آھيون جو ھاڻي زڪام ٿي پوي ٿو تہ بہ سنهي ٿلهي دوا لڳي ئي نہ ٿي!

مان پاڻ، ناري تعلقي ۾ وري ان ڀتر جي پاڙ کي گهوٽي گهوٽي ڇاڻي پيئاري ان کي اڌ مٿي جي سور لاءِ اڪسير طور بہ ٻڌو. ڇڙو پاڻ وٽ ئي ائين ناھي پر پرڏيھ جي آئرلينڊ ۾ سن 1916ع ۾ ھڪ آئرش نيچرلسٽ نالي آدم جَي گذريو جنھن ھن ٻوٽيءَ جي پاڙن مان ڪينسر جو علاج ڪڍيو. علاج بہ اھڙو جو پنئون ٻارنھن. اھا ٻي ڳالهہ آھي تہ پيٽ ڍاين ۽ ٻين جو خون چوسيندڙ فارميسي جي صنعتڪارن ان کي اڳتي نہ آندو. سبب اوھان سڀ سمجهي سگهو ٿا. پر اصل ڳالهہ آھي ان فطرت پاران پيدا ڪيل مفت جي علاج جي، جيڪو اسان وٽ عام جام ٿيندو آھي. جيڪو اسان جي لوڪ ڏاھپ ۾ ان علاج بابت ڀليءَ ڀت ٻڌايل آھي.

پوءِ اسان کي واپس پنھنجي ڳوٺن جي لوڪ دانش طرف موٽڻ ۾ ھرج ڪھڙو آھي؟ ڀلي ان کي ليبارٽريءَ تائين وٺي وڃو پر ٻيلي ان تي ڪم تہ ڪريو!

FAQ

هن لکڻي جا اهم سوال

هي مضمون ڇا بابت آهي؟

ھيرڻ جو پن تيل سان سيڪي، سُڪي ڌڪ وٽ ٻڌي ڇڏبو ھئو، وري سور کي ڀڃڻ لاءِ ھيڊ جاڻ ۽ ڳڙ جي لُپري ٺاھي ٻڌبي آھي. لڳي جو ڪو ڪنڊو پير ۾ تہ بصر کي سيڪي ان سان ٻڌبو تہ ڪنڊو ٻاھر نڪري ايندو آھي.…

هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟

هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل بحث کي واضح ڪري ٿي.

هي مواد امر فياض جي فڪري ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟

هي مواد امر فياض جي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.