ٿان، آسٿان، اوائلي لفظن جو پوري دنيا ۾ ڦھلاءُ
پاڻ وٽ ھي لفظ تمام گهڻو استعمال ٿئي. مال جو ٿانُ، جتي چوپائي مال کي ٻڌو وڃي. ٿانُ معنا ڪا اھڙي جڳھ جتي ڪنھن جيوَ کي ٽڪائي ۽ ٽيڪايو وڃي. ان ئي لفظ مان وري ٿاڻو بہ ٺھي ٿو. جنھن جي بہ…
بنيادي نڪتو
پاڻ وٽ ھي لفظ تمام گهڻو استعمال ٿئي. مال جو ٿانُ، جتي چوپائي مال کي ٻڌو وڃي. ٿانُ معنا ڪا اھڙي جڳھ جتي ڪنھن جيوَ کي ٽڪائي ۽ ٽيڪايو وڃي. ان ئي لفظ مان…
پاڻ وٽ ھي لفظ تمام گهڻو استعمال ٿئي. مال جو ٿانُ، جتي چوپائي مال کي ٻڌو وڃي. ٿانُ معنا ڪا اھڙي جڳھ جتي ڪنھن جيوَ کي ٽڪائي ۽ ٽيڪايو وڃي. ان ئي لفظ مان وري ٿاڻو بہ ٺھي ٿو. جنھن جي بہ ساڳي مانا ٿئي تہ: ” ماڳ ، ٿاڪ، گهر، بيٺڪ، منزل، مرڪزي ماڳ وغيرہ“. اھو ئي لفظ آھي جيڪو وري انساني آباديءَ جي ڦھلاءَ ۽ ان ٿاڻي ۽ ٿانَ کي اڃا فضيلت سان سڏجي تہ ٿيندو ”اسٿان“، جنھن جي معنا بہ ساڳي ئي آھي جيئن: ” جاءِ، هنڌ، ماڳ، مڪان وغيرہ“.
تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آھي تہ ھي لفظ اصل ھتان جو آھي جنھن بعد ۾ سفر ڪري فارسيءَ ٻوليءَ ۾ ٿيو ”آستان“. فرق اھو ٿيو جو الف کي فارسيءَ ۾ مَد آئي ۽ ٿ وري ت ۾ مٽجي وئي. ھي جيڪو پوري دنيا ۾ اوھان پاڪستان سميت ڪافي ملڪن جي نالن پويان ”ـستان“ پڙھندا آھيو تہ اھو اصل ۾ سنڌي لفظ ئي اٿوَ ”اسٿان“.
پاڻ ھاڻي ھلون ٿا اڄ کان ھزارين سال اڳ، ان لفظ جي اصلوڪي تصور ۽ ان مان ٻي ڄڻ لفظن طرف جن جو تصور ڪنھن نہ ڪنھن طرح سان ساڳيو ئي آھي. مثال پاڻ ڪا جڳھ ٺھرايون تہ چوندا آھيون ”جلد ئي سڌي ٿي ويندي.“ ڳوٺن ۾ تہ عام چون: ”ابا ڦلاڻي جو وھانءُ پوءِ ڪرائيندم، پھريون ڇپر سڌو ڪرائي وٺان.“ سو اھي ”سڌ“ بہ اصل ۾ بيھارڻ آھي. معنا ڪا شيءِ پڪي پختي ڪري بيھارجي. بيھارجي معنا قائم ڪرائجي.
ھڪ ٻيو بہ تصور آھي ”سٿ“. يعني ڪي شيون ھڪٻئي مٿان رکي سڌيون ڪجن يا انهن کي رکجي. سو اھو سٿ وارو ”سَٿڻ“ بہ ساڳي تصور ۾ ايندو آھي.
سو ھاڻي ٿا پاڻ ان سڌ. سٿ، ٿان. ٿاڻي، آسٿان جي دنيا ۾ ڊوڙ ڏسون.
لاطيني ٻوليءَ جي لفظن جو پيرو کڻندڙ لائيڊن يونيورسٽيءَ جو ٻوليدان ڊاڪٽر مائيڪل ڊي وان پنھنجي لاطيني لغت ۾ لکي ٿو ته: ھزارين سال اڳ لاطينيءَ ٻوليءَ انڊو ٻوليءَ ۾ ھڪ لفظ آيو ”sta“ جنھن جو مطلب ھيو بيھارڻ، قائم ڪرڻ، ماڳڻ وغيرہ، جنھن کان پوءِ اولهائين ملڪن جي ٻولين ۾ سوين لفظ ان مان نڪتا.
ساڳي نموني سان وري آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ڇپيل آمريڪن ھيريٽيج لغت ۾ ڊاڪٽر ڪالورٽ واٽڪنز چوي ٿو تہ انڊو لفظ ”sta-“ مان جيترا جديد انگريزيءَ ۾ لفظ ٺھيا اھڙا لفظ بس ڪي چار پنج ھجن. جن سڀني لفظن جو مکيه تصور اھو سڌو بيھارڻ، قائم ڪرڻ، مضبوط ڪرڻ ساڳيو ئي آھي.
سو ھڻي جو ڳولا ڪئي سين تہ ان اسٿا لفظ مان نڪتل ڄڻ لفظن جو تہ ڪاٿو ئي نہ پئي مليو.. ايڏا لفظ!
اھا جيڪا اسٽبلشمينٽ جنھن جي ڪري پاڻ سڀ رت پيا روئون اھا اسٽبلش بہ ساڳي سنڌي لفظ اسٿا مان نڪتي! انگريزيءَ ۾ اسٽيبل معنا سڪ ڪرڻ اھا ساڳي گهوڙي ٻڌڻ واري جاءِ (جنھن لاءِ پاڻ کي چيو ويو تہ اھو عربي لفظ آھي) پر ائين نہ ٿو لڳي. اھو استبل بہ ساڳيو سنڌي لفظ اسٿا آھي.
وڌيڪ تصويرون ڏئي رھيو آھيان…. ڏسو، حيران ٿي پوءِ سمجهو تہ ھي لفظ دنيا تي ڪيئن ٿو راڄ ڪري…. پوءِ امريڪا ھجي يا دينمارڪ، روس ھجي يا برطانيه…. ھر جڳھ تي اھو پاڻ وارو لفظ ٿوري گهڻي شڪل مٽي ڪيئن ڌاڪو ڄمايون پيو ٿو راڄ ڪري!
FAQ
هن لکڻي جا اهم سوال
هي مضمون ڇا بابت آهي؟
پاڻ وٽ ھي لفظ تمام گهڻو استعمال ٿئي. مال جو ٿانُ، جتي چوپائي مال کي ٻڌو وڃي. ٿانُ معنا ڪا اھڙي جڳھ جتي ڪنھن جيوَ کي ٽڪائي ۽ ٽيڪايو وڃي. ان ئي لفظ مان وري ٿاڻو بہ ٺھي ٿو. جنھن جي بہ ساڳي مانا ٿئي…
هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟
هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل بحث کي واضح ڪري ٿي.
هي مواد امر فياض جي فڪري ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟
هي مواد امر فياض جي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.