AMAR FAYAZ Language • Civilization • Artificial Intelligence

فيبروري 2, 2026 · Sindhi · لکڻيون

جيئن ورياسِين، تيئن وارِڻ وارا سُپرين

پنھنجي جيون جي سڀني ڪروڌن، ڏکن ڏاکڙن، ڪميڻپائين ۽ ھِيسُن رِيسُن جي ھَڻ ھڻان سان مُنھن ڏيندي جڏھن لِڱ ماڳھين ٽُٽِي پوندا آھن تڏھن جنھن پاسي دل وارا پئي کائيندي آھي تہ اتي پھچي پنھنجي اندر جي سُتل ماڻهپي کي جاڳائجي، جنھن…

بنيادي نڪتو

پنھنجي جيون جي سڀني ڪروڌن، ڏکن ڏاکڙن، ڪميڻپائين ۽ ھِيسُن رِيسُن جي ھَڻ ھڻان سان مُنھن ڏيندي جڏھن لِڱ ماڳھين ٽُٽِي پوندا آھن تڏھن جنھن پاسي دل وارا پئي کائيندي آھي تہ اتي پھچي…

پنھنجي جيون جي سڀني ڪروڌن، ڏکن ڏاکڙن، ڪميڻپائين ۽ ھِيسُن رِيسُن جي ھَڻ ھڻان سان مُنھن ڏيندي جڏھن لِڱ ماڳھين ٽُٽِي پوندا آھن تڏھن جنھن پاسي دل وارا پئي کائيندي آھي تہ اتي پھچي پنھنجي اندر جي سُتل ماڻهپي کي جاڳائجي، جنھن جي سمهڻ ڪري اسان ڪيڏا تہ ھيڪلا ۽ وياڪل ٿي ويندا آھيون جو پنھنجي پاڻ کان ئي پئي بُڇان ٿيندي آھي، سو اھو ماڳ، اسان جو اوتارو، جتان پاڻ کي گيان جا گس ملن، جتي اسان جي وِيڻِين ۾ ڌيان جا ڌاڳا ٻڌا وڃن ۽ جتي اسان کي پريم رَسُ پيئڻ لاءِ ملي، اھو اوتارو سائين لکاني شاھ جو ئي آھي جنھن جي ويھڪ ھاڻي سندس مڻيادار موڀي پٽ سائين حيدر شاھ سنڀاليون پاڻ سڀني کي پيو ٻاڏائي تہ بابا: ”ڏينھن مڙيوئي ڏُون، اٿي لوچ لطيف چئي.“

سياڻا چئي ويا، جن جي چوڻين کي اسان جي لوڪ ڏاھپ پنھنجي ڪُکِ ۾ کنيون اسان موڳن ۽ مت موڙھيلن تائين پئي رَسائي تہ جيڪو کِلي کارائي ۽ وري جيڪو کارائي پيو گد گد ٿئي، تنھن جي ڀَيڻِيءَ جون گُنديون ڪڏھن نہ سُڃيون ٿين. ڇوتہ ڏيالو جيڪو آ اھو ئي الک جو اوتار ٿيندو آھي، سو الک ڀري پيو انهن کي ئي ڀري ڏي، ائين ھي جيئرو جاڳندو سَنت سائين حيدر شاھ، جيڪو پاڻ جي لوڪ ڏاھپ جو ساڌُ بڻيو پنھنجي چُوريءَ مان پيو اسان سڀني کي چُڳائي. ڪونئرو وري اھڙو جو جَڳَ جا اھنج ۽ اوک پنھنجي لُونءَ لُونءَ ۾ پُوري ۽ وري سُکن ۽ سَھنجن کي ٻاھر اسان سڀني کي دانُ ڪري.

مان اٻوجهہ ھن مُوڙيءَ کي تڏھن کان پيو ان ئي ڪرت ۾ ڏِسان جڏھن اڃا مان ڪِي ستن يا اٺن سالن جو ھوندم. سائين لکانو شاھ جن، اچرج ۾ وجهندڙ ھاٺيءَ سان ھر آئي وئَي جي ائين پيا سيوا ڪندا ھئا ڄڻ جل ٿل جهاڳيندڙ سمونڊ ھجن. سو ان ساڳي پيڙهيءَ جي نڪ مان نڪتل سائين حيدرشاھ بہ ائين ئي پيو ھر آئي وئي، ديسي وديسيءَ کي وٽ وٽ وٽيون ڀري پريم رس جا وَٽا پيئاري.

يار! ڪيڏو نہ ھي وڏو ماڻهو آھي جيڪو اسان جھڙن واڇ پٽيلن کي ڏاھو سڏي! ۽ اسان جھڙا وري نالي نھال ڏاھا اھي، جيڪي ھر ھنڌ ۽ ھر ھڪ جاءِ تي سراپا سوال بڻيا گهمندا وتن! سچ تہ ھي آھي جو نج ڏاھو تہ ھي سائين حيدرشاھ ئي آھي، جيڪو ٻين جي من جون مرادون پڄائي.

ھُن جو ويھڻ تہ ٿورو ڏسونِ، نيڻ نماڻا، ڌيان اندر پنھنجو ڌامو ھنيون جيئن سوين سالن جا اوجاڳا ھن جي داوَن ۾ سَٿِيا پيا ھجن، پر ھيڏي نراسائيءَ جي جُڳ ۾ بہ آس جا اُلا ٻاريون اسان جھڙن اٻوجهن کي اَڀلَ ڏئي. اجهو ڪالهہ ڪلهوڻي ڳالهہ آھي جو اسان سڀ سندس تڏي تي سندس ئي ڪوٺ تي ڪھي اچي سندس پير ڇُھيا. پتِ ڪريو اي پاٺڪو! اتي آسپاس جيڪو مانڊاڻ سائينءَ مچايو ھئو، ائين پئي لڳو ڄڻ سنڌ جي سينڌ ۾ سندور ڀريل ھجي، جيڪا ھر پاسي، ھر ڪنڊ مان پئي رلهين جي ٽُڪن نما مُرڪي. اتي ڇا پير ڇا مِير، ڇا اَپِيپَ ڇا سُچيت، ڇا موڳو ڇا سوڳو، سڀ جو سڀ گوڏا گڏيون ويھي پرت جا پيالا پي، سنڌ جي سونھن جو لِيئو لڳا پيا ھُئا. اچرج ڇونہ ٿيندو جو مچ تي پھتل سڀ سانگي جڏھن اٿيا تہ پنھنجي ڀيڄَن ۾ مِڙي مُوڙي ٿي رھڻ جا ڏس سانڍي اٿيا. ھڪٻئي کي ڳَلي لڳائي جھڙوڪ ڪيل ڳالهيون پيا ڳوڙِهين.

اوھان کي جيڪڏھن سنڌ جي ڪا اھڙي دونھين ڏسڻي ھجي جتي اڄ سُوڌو پريم پَنو اکين ئي اکين ۾ اوتجندي مِلَي تہ ھڪ ڀيرو ڀلا سائينءَ لکاني شاھ جي ”اٺينءَ“ تي موڪِري دل ڪري پرکڻ پڪ سان اچجو. بس ھڪ منٿ آھي، ان وقت پنھنجو سر سنداڻ ڪجو، ڇوتہ ھتي جيڪي اڻ مُلهيون اَوِتاري ڳالهيون اوھان کي ٻڌڻ ۾ ملنديون انهن کي بہ ٻڌڻ لاءِ وڏو دل، گردو يا جيرو گهرجي. ڇوتہ ھي در اوھان کي نج سنڌ سان ملائيندو، اوھان جنھن پاسَي ورندئو تيئن ورائيندو، ھي سائين حيدرشاھ اھو سُپرين اٿوَ.

شل مالڪ کيس سدائين سَگهو رکي، اسان نِٻل يارن مٿان ائين ئي سندس ھٿ ھجي.

FAQ

هن لکڻي جا اهم سوال

هي مضمون ڇا بابت آهي؟

پنھنجي جيون جي سڀني ڪروڌن، ڏکن ڏاکڙن، ڪميڻپائين ۽ ھِيسُن رِيسُن جي ھَڻ ھڻان سان مُنھن ڏيندي جڏھن لِڱ ماڳھين ٽُٽِي پوندا آھن تڏھن جنھن پاسي دل وارا پئي کائيندي آھي تہ اتي پھچي پنھنجي اندر جي سُتل ماڻهپي کي جاڳائجي، جنھن جي سمهڻ ڪري…

هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟

هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل بحث کي واضح ڪري ٿي.

هي مواد امر فياض جي فڪري ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟

هي مواد امر فياض جي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.