AMAR FAYAZ Language • Civilization • Artificial Intelligence

جنوري 2, 2026 · مراسلو · لکڻيون

ايجها ڪم ڪريجي… جنھن وچ الله آپ بڻيجي

مان ڪجهہ وقت اڳ بہ چيو هئو تہ اسان کي هن مھل ”اقوال زرين“ کان وڌيڪ ”افعال زرين“ جي ضرورت آهي. سڌي ڳالهہ آهي تہ ڳوٺن ۾ ڪم ڪارين خاص ڪري اڏن، واهين ۾ کاٽي ڪرڻ مھل، لاباري مھل، يا شادي غميءَ…

بنيادي نڪتو

مان ڪجهہ وقت اڳ بہ چيو هئو تہ اسان کي هن مھل ”اقوال زرين“ کان وڌيڪ ”افعال زرين“ جي ضرورت آهي. سڌي ڳالهہ آهي تہ ڳوٺن ۾ ڪم ڪارين خاص ڪري اڏن، واهين ۾…

مان ڪجهہ وقت اڳ بہ چيو هئو تہ اسان کي هن مھل ”اقوال زرين“ کان وڌيڪ ”افعال زرين“ جي ضرورت آهي. سڌي ڳالهہ آهي تہ ڳوٺن ۾ ڪم ڪارين خاص ڪري اڏن، واهين ۾ کاٽي ڪرڻ مھل، لاباري مھل، يا شادي غميءَ مھل سڄي ڳوٺ وارا ماڻهو ڪمن جي ورهاست ڪري گڏيل انداز ۾ رضاڪاراڻي بنيادن تي ڪم ڪندا آهن. شادي غميءَ مھل ڪي ڳوٺائي مهمانن جي خذمت ڪندا آهن تہ ڪي وري رڌ پچاءَ ۾ لڳا پيا هوندا آهن، ڪي وري کٽن هنڌن جو ڪم ڪندا آهن تہ ڪي وري سامان کي هيڏانھن کان هوڏانھن ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن، ۽ اهو سڄو ڪم رضاڪاراڻي بنياد تي ٿيندو آهي. ڳوٺ جا ماڻهو سمجهي ويا آهن تہ اڙي انجهي ويل سڀني مٿان ايندي آهي.. سو اڄ ڦلاڻي جو وارو آهي تہ سڀاڻي وري اسان جو وارو ايندو!
ائين سنڌ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ورڇ ورهاست ضرور ٿيڻ گهرجي. پر مان ڏسان ٿو تہ مجموعي طور تي اسان سنڌي پڙهيي لکيي ماڻهن جي مجموعي طور تي ”ڪموڊٽي“ جھڙوڪ شعر و شاعري ئي آهي.
ڪي وري انتھائي پڙهيا لکيا ماڻهو، بقول نصير مرزا جي ”ڏند ڪرٽيندا“ سڄو ڏينھن افلاطون کان وٺي روسو تائين، سقراط کان وٺي سارتري تائين جا ڀاشن هٿ ۾ کنيون ٻين جي مٿان هل هلان ۾ پورا آهن…. ڇا مان اها اها ڳالهہ پڇڻ جي جسارت ڪري سگهان ٿو تہ جيڪڏهن سڀاڻي هڪ ئي وقت دنيا جي ٽن مختلف جاين تي سنڌ جو ڪيس رکڻ لاءِ سڏيو وڃي تہ اسان ماڻهن ۾ گهڻا اهڙا گروپ آهن جيڪي ٺيٺ سائنسي بنيادن ۽ انساني تاريخ جي حساب سان بغير جذباتي ٿيڻ جي اهڙو تز ڪيس رکي سگهن جو وڃي ٿين خير؟
يا رڳو اتي شاه سائين جا بيت يا اياز جا ترائيل ٻڌائي ۽ اسان دنيا جي عظيم ترين ۽ قديم ترين قوم جا ”ايڪ ڏون ڏون، ٻہ ڏون چار“ وارا کھڙا پڙهي پاڻ بہ لڄائي اچون ۽ ڪيس بہ هارائي اچون؟
ڇا هن مھل اسان کي ٺيٺ ”ڌنڌوڙين“، اقتصادي طور تي نون ڪاروبار ڪندڙ ۽ هنري تعليم جي ماهرن جي ضرورت ناهي؟ پھريون اهو سوچيو تہ آهن اڳ ۾ گهڻا؟
پر هتي تہ سڀ ڪو ان ڪرت ۾ لڳو پيو آهي تہ ”ڦلاڻي جڳھ تي جيڪا ڦاڙها ماريا ويا“ تہ انهن ماريندڙن ۾ منھنجو نالو لکيل آهي؟
اڙي بابا…. هتي فيس بڪ جنھن دنيا ۾ انقلاب بپا ڪري ڇڏيو آهي ان جي ڪھڙي ڪنڊ تي ”مارڪ زڪربرگ“ لکيل آهي؟
گوگل جيڪا سڄي دنيا ۾ دقيانوسي وهم تباه ڪندي معلومات جا ڪروڙين دڳ ٺاهيندي اربين ماڻهن جي زندگي مٽي رهي آهي ان جي ڪھڙي پاسي ”ايرڪ شمڊٿ“ لکيل آهي؟
ونڊوز جيڪو اوهان سرشتو هلائي رهيا آهيو ان جي ڪھڙي پاسي، ڪھڙي پروڊڪٽ تي ”بل گيٽس“ لکيل آهي“
ڇا اوهان کي وڪيپيڊيا جي بانيءَ جو نالو اچي ٿو؟
منھنجا سڄڻ ساٿيو… نڪري اچو ان هيٺينءِ سطح جي شھرت کان… شيون ڏيو، ڪنڪريٽ ڪم ڪريو.. اهڙو ڪريو جو سڄي دنيا ۾ اوهان جي نالي جي واھ واھ ٿي وڃي… ۽ جڏهن اوهان ان سطح تي پھچندا تہ اوهان اقوام متحدہ ۾ وڃو يا ڪنھن مشاورتي اداري ۾ اوهان کي ڪٿي بہ ٻڌائڻ جي ضرورت نہ پوندي تہ اوهان ڪير آهيو.. پر اوهان جي ڪيل ڪمن جي آڌار تي اهي اوهان جي داخل ٿيڻ تي ئي اٿي بيھي اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪندا!
خدا جي واسطي ٻيلي هاڻي رحم ڪريو…. لفظن جي لٻاڙ، فلسفن جا فلودا ۽ نفسيات جا ناٽ هروڀرو بي جاءِ بي مھل هڻڻ بند ڪري پنهنجي ڪرت کي ڳڻائي ٻڌايو تہ اوهان ڪريو ڇا ٿا جيڪو ٻيا نہ ٿا ڪن ۽ اهو بہ تہ ان عمل سان دنيا جا ڪيترا ماڻهو لاڀ وٺي سگهندا!
ڇا اڃا بہ اسان جي لوڪ دانش جا امام قبرن ۾ نڪري اوهان جي ڪنن ۾ سچ جي اذان ڏين تہ: ”ايجها ڪم ڪريجي… جنھن وچ الله آپ بڻيجي“

FAQ

هن مواد جا اهم سوال

هي مضمون ڇا بابت آهي؟

مان ڪجهہ وقت اڳ بہ چيو هئو تہ اسان کي هن مھل ”اقوال زرين“ کان وڌيڪ ”افعال زرين“ جي ضرورت آهي. سڌي ڳالهہ آهي تہ ڳوٺن ۾ ڪم ڪارين خاص ڪري اڏن، واهين ۾ کاٽي ڪرڻ مھل، لاباري مھل، يا شادي غميءَ مھل سڄي ڳوٺ…

هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟

هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل اهم خيال کي واضح ڪري ٿي.

هي امر فياض جي ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟

هي مواد ٻولي، ادب، تهذيب، ڊجيٽل يادگيري ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.

اهميت

هي مواد هڪ وڏي گهڻ لساني علمي آرڪائيو جو حصو آهي، جيڪو پڙهندڙن، محققن، سرچ انجڻن ۽ مصنوعي ذهانت جي مختلف ماڊلن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.