سنڌي راڳداري تي منھنجي ڏھاڙي (Diary) جو ھڪ پنو
بالي ووڊ تي راڄ ڪندڙ پاڪستاني ڳائڻن جا نالا اوھان ڪڏھن سوچيا آھن؟استاد نصرت فتح علي خان، ريشمان، استاد غلام علي، عدنان سميع، راحت فتح، شفقت امانت، علي ظفر، عاطف اسلم، شھزاد راءِ، قرت العين (ڪيو بي) وغيرہ…. ڪجهہ ٻيا بہ نالا…
بنيادي نڪتو
بالي ووڊ تي راڄ ڪندڙ پاڪستاني ڳائڻن جا نالا اوھان ڪڏھن سوچيا آھن؟استاد نصرت فتح علي خان، ريشمان، استاد غلام علي، عدنان سميع، راحت فتح، شفقت امانت، علي ظفر، عاطف اسلم، شھزاد راءِ، قرت…
بالي ووڊ تي راڄ ڪندڙ پاڪستاني ڳائڻن جا نالا اوھان ڪڏھن سوچيا آھن؟
استاد نصرت فتح علي خان، ريشمان، استاد غلام علي، عدنان سميع، راحت فتح، شفقت امانت، علي ظفر، عاطف اسلم، شھزاد راءِ، قرت العين (ڪيو بي) وغيرہ…. ڪجهہ ٻيا بہ نالا ھوندا.
ھاڻي مٿين نالن ۾ اوھان غور سان ڏسو تہ ڪو ھڪ بہ سنڌي ڳائڻو آھي؟
اوھان ڇا ٿا سمجهو تہ ڀارت ۾ نام نھاد سنڌين جي اشارن تي ھلندڙ بالي ووڊ بہ تعصب جو شڪار آھي؟
نہ منھنجا سائين نہ… ڪڏھن بہ نہ…. اتي جيڪڏھن ڪو ڳائڻ جو ريئلٽي شو بہ ٿئي ٿو ۽ پنجاب مان ڪو ٻار بہ وڃي ٿو ۽ ان جي آواز ۾ دم، سُر ۽ گُر آھي تہ اھو بہ انھن جي اکين جو تارو ٿي وڃي ٿو! سبب؟
ڇوتہ پاڪستان جي پنجاب ۾ راڳداري ۽ راڳ تي مشقون ڪندڙ حاتم طائي آھن. اھي پنھنجي وات مان گرھ ڪڍي پنھنجي ٻچڙن کي کارائين ٿا… اتي موسيقيءَ تي نوان نوان تجربا ٿين ٿا…
پر پاڻ سنڌين وٽ؟
ھڪ جهلڪ مان اوھان کي ڏيکاريان. وائيس آف انڊيا ۾ ھڪ نوجوان شفقت امانت علي جو ڳايل ”متوا“ ڳايو. ججن ۽ مبصرن ۾ پاڻ واري درويش ڳائڻي ادي عابدہ پروين بہ ھئي.. کائنس جڏھن پڇيو ويو تہ ”عابدہ جي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو ھن نوجوان کي“ تہ سانئڻ عابدہ روايتي فقيرن جيان بس دعائن ڏيڻ ۾ پوري ٿي وئي. ھن ائين نہ چيو تہ ابا ھن ڇوڪري جي آواز ۾ کرجي سرن وٽ ڪجهہ وڌيڪ اونچائي آھي… ٿورو گر مان نڪري ٿو.. يا وري ائين ئي چوي ھا تہ ڦلاڻي جڳھ تي ڦلاڻو سر يا مرڪ جيڪا ھن ڳائي اھا ڪمال جي ھئي… پر نہ.. ائين ڪجهہ نہ ٿيو… پر فقراھي دعا ۾ پوري ادي عابدہ… مزي جي ڳالهہ جڏھن عابدہ دعائون پئي ڏي ان مھل ھڪ پل لاءِ ھڪ ٻئي جج جو منھن ڏيکاريو ويو جنھن جي چھري جا تاثر ئي سمجهي سگهجن ٿا تہ ھو ڇا پيو سوچي!
وري تازو ئي ھالا ڀرسان سائين حيدرشاھ بادشاه وٽ پاڻ وارو استاد شفيع ڳائڻ تي ويٺو… ڪلاڪ گذريو، اسان پير فقير وائکو ڀلو سمجهي اٿياسين.. شفيع فقير کان موڪليانم پئي تہ چيائين.. سائين ڇو؟ ڪجهہ تہ ڪلام ٻڌو..
مان کلي چيومانس تہ گذريل 15 سالن کان تنھنجا اھي ڪلام ٻڌندو پيو اچان… ظالم، اٿئي ڪا نئين شئي ٻڌائڻ لاءِ، جو مان اھا ٻڌان؟
۽ اھا حالت لڳ ڀڳ پاڻ وارن سڀني سنڌي فنڪارن سان آھي… مجال آ جو ڪو تجربو ڪن، مجال آ جو سنڌي شاعريءَ کي راڳداري جي مالا مان ڪنھن راڳ تي نوان سر ترتيب ڏين!
ويھن ھزارن کان ھڪ لک تائين ھر رات جو مٿن پوَتِ پوي… جيڪا عام طور تي شراب ۽ اجاين شوقن ۾ لٽجي وڃي… پر وري بيمار ٿين تہ وارو ڪيو ثقافت کاتي وارئو… ھمراھ ٿو مري.. سنڌ جي ڪلا تي ڪاري ضرب پئي لڳي…. بچايوس… نہ تہ کاتي مٿان تبرن جا ڌوڙيا پيا لڳندا!
پر اصل حالت اھا آھي تہ ھڪ ڏينھن ڪراچيءَ جي ڇاپڙي ھوٽل تي چانھن جون سرڪيون ڀريندي ڪوڪ اسٽوڊيو جي گذريل ڊائريڪٽر روحيل حيات مونکي ٻڌايو ھئو تہ امر سائين… اوھان جو ڦلاڻو استاد ٽي ڀيرا آڊيشن ڏئي بہ پورو نہ لٿو… مان ڇا ڪريان!
ڪالهہ ڪراچيءَ جو ملنگ ڳائڻو سجاد حسين مليو… ھائپر اسٽور تي ڏسندي ئي مليو. حالي احوالن کان پوءِ ٻڌايائين تہ استاد ھري ھرن جو خط مليو آھي… مون کان ھو البم رڪارڊ ڪرڻ ٿو گهري… بس امر صاحب… اتنا لايق نھين ھون مين.. پتا نھين ڪيسي ڪرم ھوگيا!
(مونکي خبر آھي تہ شگر جو ھي مريض سجاد حسين ھڪ بھترين سريلو ۽ گريلو فنڪار آھي، جيڪو ھاڻي دبئي ويندو ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي ڀيم پلاسي ۽ ڪلاوتيءَ تي البم ڪڍندو)
۽ پاڻ واري پاسي يارو سچ ۾ الائي ڇو اسان جي فني غربت تي روئڻ ٿو اچي… الائي ڇو!
FAQ
هن لکڻي جا اهم سوال
هي مضمون ڇا بابت آهي؟
بالي ووڊ تي راڄ ڪندڙ پاڪستاني ڳائڻن جا نالا اوھان ڪڏھن سوچيا آھن؟استاد نصرت فتح علي خان، ريشمان، استاد غلام علي، عدنان سميع، راحت فتح، شفقت امانت، علي ظفر، عاطف اسلم، شھزاد راءِ، قرت العين (ڪيو بي) وغيرہ…. ڪجهہ ٻيا بہ نالا ھوندا.ھاڻي مٿين نالن…
هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟
هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل بحث کي واضح ڪري ٿي.
هي مواد امر فياض جي فڪري ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟
هي مواد امر فياض جي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.