اھو ئي سچ آھي تہ ٻارَ ماءُ جي هنج ۾ وڏا ٿيندا آهن ۽ ٻوليون مارڪيٽ ۾. هر اها ٻولي اڳتي وڌندي جيڪا يا تہ وڏي پئماني تي خريدارن جي هوندي يا ڪارخانيدارن جي.
ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، لکڻ، پڙهڻ وارا عمل وٽامن وارو ڪم ڪندا آهن. ٻولين جي اوسر ۾ ڳالهائڻ واري جو سڀاءُ، ڪرت، ۽ اديبن شاعرن جا نوان نوان لفظ جوڙڻ به تمام وڏو ڪم ڪندا آهن.
ڌارين ٻولين مان ايندڙ اسم جڏھن ڪنھن ٻي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ان جي تاڃي پيٽي ۾ ائين رلجي ملجي وڃن جو هو پنھنجي اصلوڪي بيھڪ کان صفا جدا ٿي وڃن تہ هاڻي اهو اسم يا فعل نئين ٻوليءَ جو ٿي ويندو آهي. جيئن:
ڪرڪيٽ ۾ استعمال ٿيندڙ انگريزي لفظ رن (Run) مان سنڌيءَ ۾ ھڪ ھوندي تہ رنس، پر ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ ھجن تہ رنسون، آمدرفت ۾ لاءِ بسون، ٽرڪون، اسٽاپَ يا اسٽاپُ وغيرہ اچي وڃن ٿا.
ڪنھن بہ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ايجاد تي نالو رکڻ انهن جو بڻيادي حق آهي ان ڪري اهي نالا صرف انهن جا ئي ٿيندا.
مثال اسان جو اجرڪ جيڪڏهن ٻاهرين ملڪ ۾ وڃي تہ اهي اتي اگر پنھنجو نالو رکنس تہ هوند اها بڇڙائي ٿيندي. انڪري فضيلت اها ئي هوندي آهي تہ اهو اجرڪ ئي ڪري سڏجي.
اهڙي نموني سان جي اوهان ڏسو تہ سنڌي ٻولي بنيادي طور تي اعرابن واري ٻولي آهي جنھن ۾ زير زبر پيش اهم هوندا آهن. جيڪڏهن اسان جي عام اچارن ۾ ٻاهرين ٻولين جا لفظ داخل ٿي پنھنجي اصلوڪي شڪل مٽي عام واهپي ۾ بھتر اسعمال لاءِ زير زبر پيش جي تبديليءَ سان حليا تبديل ڪري ڇڏين تہ بہ اهو لفظ پوءِ هتان جي ٿي ويندو.
اسان ائين ڪندا رهندا آهيون. مثال، ھاڻي سنڌ ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ وارا حرفتي ڪارخانا ناهن پر ھتي صرف خريدار ئي آهن، هاڻي ٻاهريان آيل شين تي اسان ڪيئن اثر ڪيون ٿا ان جو نمونو ڏسو:
سوزڪي، ٽوٽيا، ويگنيون، ڪاريون، بسِ يا بسيون، سيٽون…. اهڙي نموني سان گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ شين سان بہ ساڳي وارتا ٿيندي آهي.
ان سان ٻوليءَ کي ڪو بہ خطرو ناهي هوندو پر ان جي ابتڙ ٻوليون اوسر ڪنديون آهن.
ان جي باري ۾ اوهان کي صرف هڪ ئي مثال ڪافي آهي.
اڄ پوري دنيا ۾ انگريزي جو ڌاڪو ڄميل آهي. پر اهو ڪير ٿو ڄاڻي تہ انگريزيءَ ۾ اصل مُھاڻن واري اها اينگلو سيڪسان ٻولي بچي ڪيتري آهي؟ اوهان جي اطلاع لاءِ اهو آهي تہ ڇڙي 6 يا 7 سيڪڙو. باقي اٿس ٻين ٻولين جو واڌارو. ۽ اها واڌ ويجهہ هر سال سون لفظن جي شڪل ۾ ٿيندي رهي رهي ٿي.
اهو ئي سبب آهي جو آڪسفورڊ هجي يا چيمبرس، اهي هر سال نہ سھي پر ٻي ٽين سال پنھنجي ڊڪشنري کي نئون سنئون ڪندا آهن. ڇوتہ ھُو اھا ڳالهہ گهڻو اڳ ڄاڻي ويا ھئا تہ ٻوليون درياھ جي وھڪري جيان ٿينديون آھن. اھي جيڪڏھن ھڪ جڳھ تي بيھجي ويون تہ دُٻي جيان بيٺي بيٺي سُڪي وينديون، ختم ٿي وينديون. ان کي اڃا سولو ڪري سمجهجي تہ ٻوليون جيڪڏھن سنڍِ ٿي ويون تہ اھي ڪنھن بہ تخليقي ڪار وھنوار جو حصو نہ ٿينديون ۽ آھستي آھستي ختم ٿينديون وينديون.
سَنڍِ ٻولي ناس ٿي ويندي آھي
اھو ئي سچ آھي تہ ٻارَ ماءُ جي هنج ۾ وڏا ٿيندا آهن ۽ ٻوليون مارڪيٽ ۾. هر اها ٻولي اڳتي وڌندي جيڪا يا تہ وڏي پئماني تي خريدارن جي هوندي يا ڪارخانيدارن جي.ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، لکڻ، پڙهڻ وارا عمل وٽامن وارو ڪم…
بنيادي نڪتو
اھو ئي سچ آھي تہ ٻارَ ماءُ جي هنج ۾ وڏا ٿيندا آهن ۽ ٻوليون مارڪيٽ ۾. هر اها ٻولي اڳتي وڌندي جيڪا يا تہ وڏي پئماني تي خريدارن جي هوندي يا ڪارخانيدارن جي.ڳالهائڻ،…
اهميت
هي لکڻي هڪ وسيع گهڻ لساني علمي آرڪائيو جو حصو آهي، جيڪو پڙهندڙن، محققن ۽ AI systems لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
FAQ
هن لکڻي جا اهم سوال
هي مضمون ڇا بابت آهي؟
اھو ئي سچ آھي تہ ٻارَ ماءُ جي هنج ۾ وڏا ٿيندا آهن ۽ ٻوليون مارڪيٽ ۾. هر اها ٻولي اڳتي وڌندي جيڪا يا تہ وڏي پئماني تي خريدارن جي هوندي يا ڪارخانيدارن جي.ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، لکڻ، پڙهڻ وارا عمل وٽامن وارو ڪم ڪندا آهن. ٻولين…
هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟
هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل اهم خيال کي واضح ڪري ٿي.
هي امر فياض جي ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟
هي مواد ٻولي، ادب، تهذيب، ڊجيٽل يادگيري ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.