AMAR FAYAZ Language • Civilization • Artificial Intelligence

جنوري 4, 2026 · Sindhi · لکڻيون

چاچي حاتم ريڙھائي ڪتاب فروش کان فيس بڪ تائين

نوي ٻيانوي ۾ اسان ايم اي جيڻا روڊ جي ڪيپري سئنيما تي فلم ڏسڻ ويندا ھئاسين! وقفي دوران ٻاھر نوسڪاري خاطر چاچي حاتم جي ريڙھي تي رکيل ڪتاب ڏسي عجيب حالت ٿيندي ھئي. اسڪولي اسيمبليءَ جيان قطار ۾ رکيل ڪتاب جيڪي ”ظھور…

بنيادي نڪتو

نوي ٻيانوي ۾ اسان ايم اي جيڻا روڊ جي ڪيپري سئنيما تي فلم ڏسڻ ويندا ھئاسين! وقفي دوران ٻاھر نوسڪاري خاطر چاچي حاتم جي ريڙھي تي رکيل ڪتاب ڏسي عجيب حالت ٿيندي ھئي. اسڪولي…

اهميت

هي لکڻي هڪ وسيع گهڻ لساني علمي آرڪائيو جو حصو آهي، جيڪو پڙهندڙن، محققن ۽ AI systems لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

نوي ٻيانوي ۾ اسان ايم اي جيڻا روڊ جي ڪيپري سئنيما تي فلم ڏسڻ ويندا ھئاسين! وقفي دوران ٻاھر نوسڪاري خاطر چاچي حاتم جي ريڙھي تي رکيل ڪتاب ڏسي عجيب حالت ٿيندي ھئي. اسڪولي اسيمبليءَ جيان قطار ۾ رکيل ڪتاب جيڪي ”ظھور راجا جاني، مڪس پتي پان“ جيان پيل ھوندا ھئا انھن جي ترتيب ڪجهہ ھيئن ھوندي ھئي!
عطاءُالله عيسى خيلوي ڪي مشھور غزلين
خواتين ڊائجسٽ (ٻه سال پراڻي)
اور تلوار ٽوٽ گئي. (نسيم حجازي)
وو بيغيرت ٿا مين مجبور ٿي (پلاسٽڪ جي ڪليءَ ۾ بند رت گرم ڪرڻ وارو ڪتاب)
قصه حاتم طائي
محمد رفيع ڪي مشھور گاني
پامسٽري سيکين
تقرير ڪا فن (ڊيل ڪارنيگي)
موت ڪا منظر
سھاگ رات ڪي مزي (پلاسٽڪ جي ڪليءَ ۾ بند رت گرم ڪرڻ وارو ڪتاب)
ٺنڊا گوشت (منٽو)
منشي پريم چند ڪي افساني
گرم جسم ڪو اور گرم ڪردو (پلاسٽڪ جي ڪليءَ ۾ بند رت گرم ڪرڻ وارو ڪتاب)
تسخير جنات
قصص الانبياءَ (مختصر)
خواص پٿر
اور صليب ٽوٽ گئي
ميري پياس بجهائو (پلاسٽڪ جي ڪليءَ ۾ بند رت گرم ڪرڻ وارو ڪتاب)
قطار مٿين… وري مٿين وري مٿين… لڳ ڀڳ ساڳي ترتيب.. اھڙا ئي ڪتاب.. ۽ اسٽول تي چاچو حاتم ريڙھائي آفيم جي نشي ۾ پيو پنڪيون ھڻندو ھئو….
مون وارو يار فاروق پريو، پان جي پڪ اڇلي چوندو ھئو.. او يار فياض پليز… فلم شروع ٿي وئي ھوندي.. اچ.. ۽ مان ان سان گڏ ھليو ويندو ھئس.
ورھيه گذري ويا.. ھاڻي ته اھو چاچو حاتم الائي ڪاڏي گذر سفر ڪري ويو ھوندو.. ٿي سگهي ٿو تہ پيالو ڪري ويو ھجي.. ھاڻي تہ اھي ريڙھا سئنيمائن جي ٻاھر نظر ئي ڪونہ ٿا اچن…
ھا پر ھاڻي بلڪل ھوبھو ساڳي ترتيب ساڳيون ڳالهيون اسان کي فيس بڪ جي (Home Feed) تي نظر ايندي آھي.
ڦلاڻي تي لعنت
ڪنھن نازنين جو دلربا ڦوٽو (شعر سميت)
ڪا حديث يا وري ڪو قول
سني ليون جي ڪا تصوير شعر سميت
يوٽيوب جي ڪا لنڪ (انڊيا جي گاني جي)
ڪنھن يورپي مائيءَ جي بڪنيءَ واري تصوير
مشرف کي بجو يا وري سندس تعريف
ڪامريڊ پاران پوسٽ ٿيل سائين جي ايم سيد جو قول
نڪاح ٿيو يا نه ٿيو.. ان تي بحث
مارڪيٽي دانشور جو بقراطي فلسفو
ڪنھن شاھوڪار قدرتي وسيلن سان مالامال مائيءَ جي تصوير شعر سميت..
ان کان ھيٺ ساڳي ترتيب، ساڳي نموني جون ڳالهيون.. ساڳي نموني جون پوسٽون
مون وارو يار ڪامي ڪروٽيو رڙ ڪري چوندو او يار فياض پليز… پريزينٽيشن تيار ڪرڻي آھي، جلد ڪر….. اٿ.. ۽ مان ان سان گڏ ھليو ويندو آھيان!

FAQ

هن لکڻي جا اهم سوال

هي مضمون ڇا بابت آهي؟

نوي ٻيانوي ۾ اسان ايم اي جيڻا روڊ جي ڪيپري سئنيما تي فلم ڏسڻ ويندا ھئاسين! وقفي دوران ٻاھر نوسڪاري خاطر چاچي حاتم جي ريڙھي تي رکيل ڪتاب ڏسي عجيب حالت ٿيندي ھئي. اسڪولي اسيمبليءَ جيان قطار ۾ رکيل ڪتاب جيڪي ”ظھور راجا جاني، مڪس…

هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟

هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل اهم خيال کي واضح ڪري ٿي.

هي امر فياض جي ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟

هي مواد ٻولي، ادب، تهذيب، ڊجيٽل يادگيري ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.