ڇا نوجوانن کي اڳتي وڌڻ لاءِ ڪوٽ يا سماجي زنجير روڪي سگهندا؟
تازو ئي اسان جي دوست ۽ سنڌي ادب جي ڀلي نقاد سائين اڪبر لغاري صاحب 18 جنوري 2026، آچر ڏھاڙي ڪيفي خانہ بدوش ۾ پنھنجي نوعيت جو ھڪ نرالو پروگرام رٿيو جنھن جو ھُن نالو رکو ”اچو تہ نوجوانن کي ٻڌون!“. سندس…
بنيادي نڪتو
تازو ئي اسان جي دوست ۽ سنڌي ادب جي ڀلي نقاد سائين اڪبر لغاري صاحب 18 جنوري 2026، آچر ڏھاڙي ڪيفي خانہ بدوش ۾ پنھنجي نوعيت جو ھڪ نرالو پروگرام رٿيو جنھن جو ھُن…
تازو ئي اسان جي دوست ۽ سنڌي ادب جي ڀلي نقاد سائين اڪبر لغاري صاحب 18 جنوري 2026، آچر ڏھاڙي ڪيفي خانہ بدوش ۾ پنھنجي نوعيت جو ھڪ نرالو پروگرام رٿيو جنھن جو ھُن نالو رکو ”اچو تہ نوجوانن کي ٻڌون!“. سندس ئي چواڻي تہ ”اسان وڏا (جن کي جديد دنيا ۾ ”بيبي بومر“ جي نالي پيو سڏجي جنھن لڏي ۾ ھاڻي تہ جنريشن ايڪس بہ شامل ٿي وئي آھي، اھي) هر وقت ويٺا نوجوانن کي ڀاشڻ ڏيندا آهن ۽ هر وقت اسٽيجن تي جاء والاري ويٺا ھوندا آھن، اسٽيجن تي ويٺي ويٺي گوڏن تي ڊڀ ڄمي ويا اٿن (جو) شل نہ مائيڪ هٿ ۾ اچين، ٻڌندڙن کي ٻوڙو ڪري پوء هٿ ڪڍندا آهن. (سو) هاڻي گهڻو ٿيو. (سو) اچو تہ نوجوانن کي ٻڌون.“
ذاتي طور مان سوشل پروگرامن ۾ انتھائي چونڊيل پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو آھيان سو بہ صفا پوين ڪرسين تي ويھي ڀليءَ ريت لطف وٺي سگهڻ لاءِ. ان جا ٻيا سبب پڻ کوڙ آھن پر ھڪ مکيہ سبب اھو آھي جو مون کي پروگرام ۾ لڳل اڪو سائونڊ صفا موت برابر لڳندا آھن. مون کي الائي ڇو ائين لڳندو آھي تہ اسان اڃا ”ڪن رَسيا“ نہ ٿي سگهيا آھيون. راڳ رنگ جي محفلن ۾ انتھائي ڳرن آوازن جا سائونڊ سسٽم لڳائي سڄي پروگرام کي يورپي ڪلبن ۾ اندر ٿيندڙ ڊانس واري ڌماچوڪڙيءَ وارو ماحول جوڙي ڇڏيندا آھيون. جو ٻڌڻ تہ راڳ ايندا آھيون پر ڳائيندڙن جي جڳھ تي ”ڪن ڦاڙ لائوڊ اسپيڪر“ ٻڌندي پنھنجي ڪنن جا پڙدا ڦاڙائي ايندا آھيون جيڪا حالت وري ڪافي ڪلاڪن تائين اندر ۾ پئي ھُرندي آھي. اسان وٽ حالت وڃي اھا ٿي آھي جو ڪنھن سنجيدہ موضوع واري ويھڪ ۾ پڻ ساڳيا پڙلاءَ ڪندڙ لائوڊ لڳل ھوندا آھن جو ھجڻ تہ ائين گهرجي جو اسان ڪا ڪم جي شئي ذھن ۾ کڻي اچون، ان معتبر انسان کي ٻڌي ڪجهہ سوچڻ لاءِ ھٿوراڙيون ھڻون پر ان نج نبار علمي، عقلي ڳالهہ لاءِ بہ پڙلائي واڄوڪڙ (سائونڊ سسٽم جا ڪوڪا دماغ ۾ ٺوڪائي موٽي ايندا آھيون جو سچ بہ ڪا ڳالهہ اصل ۾ ھينئن سان ھنڊجي پر ائين ناھي ٿيندو.) ۽ اھو ئي وڏو سبب آھي جو مان ڪجهہ دير پوئتي ويھي ۽ پوءِ جڏھن برداشت ڊھي پوندي آھي تڏھن اٿندو آھيان. پر اڪبر لغاريءَ مسلسل پئي چيو تہ تون کي اچڻو آھي سو آيم ۽ مان ھڪ نئين نڪور ويھڪ ۾ ويھندي واقعي بہ فرحت محسوس ڪئي. ھن پروگرام ۾ سندس ساٿي مير منصور مڱريو، راجا الطاف ۽ حرا لاشاري جن ھئا. پروگرام ۾ اھا پابندي رکي وئي ھئي تہ ڪو بہ ڳالهائيندڙ نوجوان 30 سالن کان وڏو نہ ھوندو.
ھن ويھڪ ۾ ڪُل 13 نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھئا جن پنھنجي خيالن جو اظھار انتھائي فھميدي طريقي سان ڪيو. ٽن نوجوانن جي ڳالهائڻ جو ڍنگ اھڙو ھئو جو مون کي پڪ ٿي وئي تہ ھو ايندڙ وقتن ۾ اسان وٽ اھي نوجوان زبردست قسم جا ڊبيٽر موجود ھوندا. انتھائي برجستا، دليلن سان ڳالهائيندڙ! ھڪ نوجوان پنھنجي ڪاميابيءَ جي باري ۾ ٻڌايو تہ ھُو ھر مھيني آن لائين بزنس ڪري ٽي کان ڇھ لڳ سراسري ڪمائيندو آھي ۽ ان سان گڏ ھو ھر مھيني پنھنجي اپت مان ھڪ ليپ ٽاپ گهرجائو نوجوان کي پڻ سوکڙيءَ طور ڏيندو آھي. (ھيءَ ڳالهہ ھڪ اھڙي اتساھيندڙ ھئي جو اسان جي چڱي ڀلي وڏي پيڙهيءَ کي اڃا سندن ديماڪن ۾ ڪونہ آئي ھوندي)
جنھن ڳالهہ مون کي ڪن کان وٺي جھڙوڪ ڇڪيو سا ھئي نوجوانن جي اوليت. تيرنھن نوجوانن مان رڳو ٻن نوجوانن ”ادب“ تي ڳالهايو تہ اسان جي آئيندي ۾ اسان جي ادب جو ڇا ٿيندو! باقي يارنھن نوجوانن سماجي گهٽ، ناانصافي، رياستي دٻائن، تعليم جي ڪريل معيارن تي تہ ھنن ڳالهايو ئي ڳالهايو پر سندن مکيہ موضوع جديد دنيا، سائنس، ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذھانت، ڪاروبارن ۽ پرڏيھي ترقين ۾ ذاتي سيڙپڪاريءَ تي مشتمل ننڍڙن بزنس ماڊلن تي ڳالهايو. ھو جڏھن ڳالهائي رھيا ھئا تڏھن ھال ۾ ويٺل ويٺل نوجوانن تاڙيون وڄائي کين جئي جئي پئي ڪيو.
مون کي خبر ناھي تہ ھال ۾ براجمان روايتي طور سالن کان جمودي ھڪ ھٽيءَ ۾ ويٺل بيبي بومر وڏڙن ان وقت ڇا پئي محسوس ڪيو پر حساب پئي لڳايم تہ اسان وٽ ھر پاسي ادبي ميلن جي پيھ ۾ ھي نوجوان پنھنجي اکين ۾ آئيندي جي جوت ٻاريندا سائنس، ٽيڪنالاجين، معاشيات، سماجيات ۽ سائنسي بنيادن تي سياست جھڙن موضوعن تي ڳالهائين ٿا جن ۾ ڪُل جيڪڏھن پندرھن سيڪڙو نوجوان ادب تي ڳالهايائون تہ ھن سماج جي پاٺڪن ۽ ڀُتي ڀِتين جھڙن سياستدانن ۽ اديبن کي سوچڻ گهرجي تہ ھُنن جا خدشا، ھنن جا اڄاتا خوف درحقيقت سندن ئي ذھنن جي پيداوار آھن ۽ انهن کي آئيندي جو ھي نسل ليکي ئي ڪين ٿو.
مون کي شدت سان محسوس ٿيو تہ اسان جي نوجوان ۾ وڏي پئماني تي اسرڻ جو مادو موجود آھي، رڳو اسان کين دڳ ڏيندي ۽ کين وٿيون ڏيون! پرروگرام ۾ نوجوانن جو ڳالهيون ٻڌندي مون کي اڙدوءَ جو ھڪ پراڻو شعر ياد اچي ويو تہ:
نہ ڈرا جوانی کی بے روی سے؛
یہ دریا بنادیگا خود ہی کنارہ!
مان جام خوشي پئي محسوس ڪئي. ھڪ تہ نوجوانن جي شموليت، ٻيو تہ ھي پروگرام ھڪ اھو راھ ڏسڻو پئي ڀانيم جنھن ۾ نوجوانن جي خيالن کي ٻڌي اسان وڏڙن کي پنھنجي سڀني سوچن، سڀني روين ۽ نام نھاد خوفن تي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو تہ اي وڏڙئو! ھاڻي اوھان پاڻ سوچيو، سمجهو! ھي ايندڙ وقت اوھان جي تجريدي انشورنس لاءِ درست آھي تہ ڇا اوھان نوجوانن جي دلين ۾ ھڪ مشعل راھ ٿا بڻجو يا ماضيءَ جي دبنگ بادشاھن جيان اوھان پنھنجي ڌئونس ڄمائيندي مري ويندئو جو اڄ سندن نہ نالو ڪٿي موجود آھي نہ ئي وري ڪو نيشان! جيڪڏھن ڪٿي آھي بہ تہ وڏيءَ حقارت سان ياد ڪيا پيا وڃن.
ھنن نوجوانن کي ڇاھي؟
ھي تہ درياھ آھن، وھندا ٿا ھلن، رستا نہ ڏيونِ تہ ڇا سمنڊ سان ملڻ لاءِ کين ڪي ڪوٽ روڪي سگهندا؟
2010 ۾ ڇا ٿيو؟ 22 ۾ ڇا ٿيو؟ ھاڻي 2025 واري ٻوڏن ۾ ڇا ٿيو؟ اڃا بہ نہ ٿا سمجهو؟
FAQ
هن لکڻي جا اهم سوال
هي مضمون ڇا بابت آهي؟
تازو ئي اسان جي دوست ۽ سنڌي ادب جي ڀلي نقاد سائين اڪبر لغاري صاحب 18 جنوري 2026، آچر ڏھاڙي ڪيفي خانہ بدوش ۾ پنھنجي نوعيت جو ھڪ نرالو پروگرام رٿيو جنھن جو ھُن نالو رکو ”اچو تہ نوجوانن کي ٻڌون!“. سندس ئي چواڻي تہ…
هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟
هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل بحث کي واضح ڪري ٿي.
هي مواد امر فياض جي فڪري ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟
هي مواد امر فياض جي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.