AMAR FAYAZ Language • Civilization • Artificial Intelligence

جنوري 14, 2026 · Sindhi · لکڻيون

ڪجهہ اسان وٽ ڪانڌپي جي باري ۾

اسان خيرپور ميرس جي پسگردائيءَ ۾ رھڻ وارن وٽ ۽ جيڪو ٿورو گهڻو اسان اٿيا ويٺا آھيون ان حساب سان گهڻو تڻو ڪري ھڙني ضلعن ۾ (سواءِ ميرپور بٺوري واري علائقي جي) ڇا ڏٺو آھي تہ جيڪڏھن ڪو اسان وٽ گذاري ويندو…

بنيادي نڪتو

اسان خيرپور ميرس جي پسگردائيءَ ۾ رھڻ وارن وٽ ۽ جيڪو ٿورو گهڻو اسان اٿيا ويٺا آھيون ان حساب سان گهڻو تڻو ڪري ھڙني ضلعن ۾ (سواءِ ميرپور بٺوري واري علائقي جي) ڇا ڏٺو…

اسان خيرپور ميرس جي پسگردائيءَ ۾ رھڻ وارن وٽ ۽ جيڪو ٿورو گهڻو اسان اٿيا ويٺا آھيون ان حساب سان گهڻو تڻو ڪري ھڙني ضلعن ۾ (سواءِ ميرپور بٺوري واري علائقي جي) ڇا ڏٺو آھي تہ جيڪڏھن ڪو اسان وٽ گذاري ويندو آھي تہ ان جي دفن ڪفن ڪرڻ کانپوءِ ھڪ گڏيل جڳھ تي تڏو وڃايو ويندو آھي جتي جنازي تان واپس ايندڙ سڀ جو سڀ ھڪ اجتماعي دعا گهرندا آھن جنھن کان پوءِ آيل تعذيت ڪندڙ پونيرن کي ”رضا الله جي“ يا ”جيڪو ڌڻيءَ جو حڪم“ يا وري مختلف جڳھن تي مختلف نموني سان ڏک جو اظھار ڪيو ويندو آھي ۽ پوءِ آيل سڀني ماڻهن کي ”ڀت“ کارايو ويندو آھي، جنھن جو اصولي طور تي گذاري ويندڙ جو ڄاٽو (ناٺي) انتظام ڪندو آھي. ٻي حالت ۾ ويجهو ڪو ٻيو عزيز ڪندو آھي.
ان کانپوءِ ٽي ڏينھن تڏو وڇايل ھوندو آھي، جنھن ۾ صبح کان وٺي شام تائين ويجها، پري، دوست عزيز ڄاڻو سڄاڻو دعا گهرڻ ايندا آھن. جن جي چانھن پاڻيءَ جو خرچو پڻ جن جي گهر ۾ فوتگي ٿيندي آھي ان جا عزيز، اقارب، اوڙي پاڙي وارا ڪندا آھن.
اھم ڳالهہ تہ قضيي واري گهر ۾ چلهہ ناھي ٻرندي، ٽيجهي تائين نَوَ يا اٺ ويلا جيڪي ٿيندا آھن سي تڏي واري ھر رات تي گڏيل صلاح ثواب سان طئي ٿيندو آھي تہ سڀاڻي جي نيرن يا منجهند يا رات واري ماني ڪير ڪندو. (اسان وٽ اھو ڪنھن جي مٿان ٿوپيو ناھي ويندو، پر ويجها عزيز ۽ دوست رضاڪاراڻي نموني سان پاڻ ذميواري کڻندا آھن. گهڻو ڪري تہ ھڪ ھڪ ويلي تي ٻن ٻن يا ٽن ٽن گهرن مان پڻ ماني ٺھي ايندي آھي.)
جيڪا ماني ٻاھر مرداڻي تڏي تي ويٺلن کي کارائي ويندي آھي ۽ اندر ويٺل ضاعفائن جي تڏي تي پڻ تقسيم ٿيندي آھي.
ٽيجهي واري ڏينھن جي ماني، جنھن کان اڳ ماين ۾ ”مٿا ڌوءَ“ جي رسم ٿيندي آھي قرآن خوانيءَ جو پڻ انتظام ٿيندو آھي. (جيڪڏھن فوتگي شيعا گهر ۾ ٿيندي آھي تہ ان ٽيجهي واري ڏينھن مجلس جو پڻ انتظام ڪيو ويندو آھي) ان سان گڏ نياز نذر يا ڀت جو انتظام چاچن يا مامن پاران ٿيندي آھي. سئوٽ ماسات پڻ تنھن ۾ ونڊي ورھائي ڪندا آھن، جنھن کي اھي وڏي جوش سان نڀائيندا آھن.
ھڪ اھم ڳالهہ جيڪا اسان محسوس ڪندا آھيون تہ اسان جي ڳوٺن ۾ تڏي وارن ڏينھن ۾ کل ڀوڳ ٺڪاءَ پڻ عام جام ھوندا ھلندا آھن. جنھن سان فوتي ٿيل جا پونئير پڻ ڪافي لطف اندوز ٿيندا آھن.
ڪافي سال اڳ اسان وٽ اھو بہ ٿيندو ھئو جو جيڪڏھن گذاري ويندڙ شخصيت جو گهر مالي طور اڀرو ھوندو ھئو تہ عزيز اقارب تڏي (پٿر) تي پونيرن جي مالي سھائتا ڪرڻ لاءِ پئسا پڻ ڏيندا ھئا، جيڪا ھاڻي چلت آھستي آھستي ختم ٿيندي پئي وڃي، ممڪن آھي تہ ڪٿي ڪٿي ائين ٿيندو ھجي پر اسان وٽ ھڪ اڌ ڀيرا ھاڻي تازو ٿي گذري (جيڪا اسان سمجهون ٿا تہ ڀلي ڳالهہ آھي)
مٿيون ڳالهيون ھڪ مضبوط سماج جي تاڃي پيٽي جون اھم ڳالهيون آھن. ٿوري ڪي گهڻي ڦير ڦار سان اھي ڳالهيون لڳ ڀڳ سنڌ جي ھڙني ماڳن تي ھلنديون رھن ٿيون.
اوڙو پاڙو، مٽ مائٽ ۽ پري پري کان آيل ڏک ونڊڻ لاءِ يار دوست اچي نہ رڳو پونيرن سان ھمدرديءَ جو اظھار ڪندا آھن پر ان سان گڏ وري رابطا اٿڻيون ويھڻيون بحال ٿينديون آھن جيڪا ڳالهہ تمام گهڻي ڀلي آھي.
کل ڀوڳ ٺڪاءَ ڪرڻ سان ۽ مرحوم جي باري ۾ ھلڪيون ڦلڪيون ڳالهيون ڪرڻ سان پونيرن جي ڏک ۾ پڻ لاٿ اچي ٿي جيڪا نفسيات ۾ (Grief management) طور سڃاتي ويندي آھي جيڪا اشد ضروري ھوندي آھي.
پر ھتي فيس بڪي ھائبرڊ سوچن سان ڀريل اسان جا انيڪ دوست اھڙين ريتن رسمن کي بنا سمجهڻ جي الائي ڇا مان ڇا پيا مرادون ڪڍندا آھن. چئي تہ: ابا اچو تہ اھو وچن ڪريون تہ ڪو بہ تڏي تي وڃي تہ اتي نہ کائيندو نہ پيئندو! آھي ڪو سرو ھن ڳالهہ جو؟ ڇا اوھان کي سنڌي سماج جي روَشن، تاڃي پيٽي جي ڄاڻ بہ ڪا آھي؟
ڇا ڪنھن راڄ ڀاڳ ۾ اوهان اٿيا ويٺا بہ آھيو يا رڳو ھوائي خبرن تي آهيو جو نہ ڳالهہ ٺھي نہ جڙي پيا ٿا ڀاشڻ ڏيو؟
ھن سماج جا خير خواھ ٿيڻ چاھيو ٿا تہ سکڻي نعريبازيءَ ۾ ڪم ڪين ٿيندو ادئو! سکو، سمجهو، سماج جي نبض تي ھٿ رکي ڪجهہ نبض شناس بہ ٿيو!

FAQ

هن لکڻي جا اهم سوال

هي مضمون ڇا بابت آهي؟

اسان خيرپور ميرس جي پسگردائيءَ ۾ رھڻ وارن وٽ ۽ جيڪو ٿورو گهڻو اسان اٿيا ويٺا آھيون ان حساب سان گهڻو تڻو ڪري ھڙني ضلعن ۾ (سواءِ ميرپور بٺوري واري علائقي جي) ڇا ڏٺو آھي تہ جيڪڏھن ڪو اسان وٽ گذاري ويندو آھي تہ ان…

هن موضوع جي اهميت ڇا آهي؟

هي تحرير ٻولي، سماج، فڪر، ثقافت يا ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل بحث کي واضح ڪري ٿي.

هي مواد امر فياض جي فڪري ڪم سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟

هي مواد امر فياض جي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ مصنوعي ذهانت بابت وسيع فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو حصو آهي.